شاهه محمد جو مقبرو

شاهه محمد جو مقبرو: هي مقبرو شڪارپور ضلعي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 جي واڌو مارڪيٽ روڊ تي آبادي واري علائقي ۾ مقامي گهرن سان گڏ واقع آهي. هي هڪ ڪمري جي ايراضي ۽ بناوٽ تي مشتمل پڪين سرن سان اڏيل مقبرو نهايت سادو آهي، جنهن ۾ شاهه محمد نالي بزرگ مدفن آهي. بزرگ جي زندگيءَ بابت ڪو احوال نه ملي سگهيو آهي. سادي بناوٽ هئڻ سبب مقبري جي اندر ۽ ٻاهر ڪنهن به قسم جي آرائش ٿيل نٿي ڏسجي. مکيه ديوار تي هڪ پاسي روشني ۽ هوا لاءِ سرن سان چورس ڄاري ٺهيل آهي، جنهن جي هيٺاهين هڪ ٻيڙٻنو به ڏنل آهي. ديوار جي کاٻي طرف نوڪدار ونگ سان ڪاٺ جو در ڏنل آهي، جيڪو زبون حال هئڻ ڪري اڪثر بند رهي ٿو. در جي ٻنهي پاسي ڏيئو رکڻ لاءِ ننڍا ننڍا جارا ٺهيل آهن. ڇت تي چوڌاري ٻيڙٻنو آهي ۽ مٿس ڪو به ڳچ يا گنبذ رکيل ڪونهي. ٻيو در پڻ نازڪ حالت ۾ آهي،جنهن جون ڪري ڪن هنڌن تان سرون ڳري ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو